رهبر ڪميٽي کي پاڻ رهبر جي ضرورت آهي: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رهبر ڪميٽي کي پاڻ رهبر جي ضرورت آهي، چور مچائي شور فلم جو فلاپ شو پيش ڪري رهي آهي، اسين پنهنجي موقف ۽ نظريي تي قائم آهيون، ٻين وانگر احتساب کان ڀڄڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ وارا ناهيون.

سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي يرغمال بڻائي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي يرغمال بڻائي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش جي سخت مذمت ڪريون ٿا، رهبر ڪميٽي کي پاڻ رهبر جي ضرورت آهي، چور مچائي شور فلم جو فلاپ شو پيش ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته سڄي قوم گواهه آهي ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت ڪنهن کي صادق ۽ امين قرار ڏنو ۽ ڪير بدديانت قرار ڏنو ويو

خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان آئين جي حڪمراني، قانون جي بالادستي ۽ بنا فرق جي احتساب جو حامي آهي، رهبر ڪميٽي کي پاڻ رهبر جي ضرورت آهي، چور مچائي شور فلم جو فلاپ شو پيش ڪري رهي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*