پاناما جي ڪرپشن عوام وساري ناهن سگهيا: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته لُيٽرا ليگ احسن انداز ۾ ڪوڙ کي هٿي وٺرائي رهي آهي، اوهان جي قيادت جا سمورا اڪائونٽس ئي پرڏيهي آهن، ڪاروبار ۽ علاج به پرڏيهي آهن.

ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاناما جي ڪرپشن ۽ ڪاري ڪمائي جا انبار قوم وساري ناهن ڇڏيا، چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياسي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪيو

خصوصي معاون چيو ته عدالتي سزا ٻڌايل کي معصوم ثابت ڪرڻ لاءِ عمران خان جي امانتداري ۽ ديانت تي آڱر کڻي احسن اقبال گنهگار ٿي رهيو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ تي اوهان حملو ڪيو ۽ بريف ڪيس جي چمڪ اوهان ڏيکاريندا رهيا، احسن صاحب اوهان جنهن مشن ٽوئنٽي ٽوئينٽي تي آهيو اهو پورو نه ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*