اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا
اڳوڻي صدر آصف زرداري جي چيلهه ۾ تڪليف وڌڻ کانپوءِ اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ سندس ٻيهر ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ ايڪسري ڪڍي وئي
ذريعن جو چوڻ آهي ته پمز اسپتال ۾ ڊاڪٽرن اڳوڻي صدر آصف زرداري جون ٻيھر ٽيسٽون ڪيون ۽ ايڪسري ڪڍي
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽن جو نتيجو اچڻ کانپوءِ ئي آصف زرداري جي علاج ۾ مدد ملي سگهندي
پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جيان آصف علي زرداري جو به مرضي سان علاج ڪرائڻ ۽ اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي