فضل الرحمان پاران 26 نومبر تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس شرڪت لاءِ اپوزيشن سان رابطا تيز

جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 26 نومبر تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اپوزيشن پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، اي پي سي ۾شرڪت لاءِ مختلف پارٽين کي دعوت به ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب جي يو  آءِ سربراهه مولانا فِضل الرحمان پيپلزپارٽي، نون ليگ، اي اين پي،قومي وطن پارٽي ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن سان رابطا ڪري اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

نون ليگ پاران اي پي سي ۾شرڪت لاءِ 4 رڪني ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف جي هدايتن تي 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

مسلم ليگ نون جي 4 رڪني ڪميٽي ۾ راجا ظفر الحق،احسن اقبال،اياز صادق ۽ امير مقام شامل آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*