بيروزگار اپوزيشن ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءِ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پريشان  ۽ بي روزگار اپوزيشن ڪوڙي پروپيگينڊا ڪري فارن فنڊنگ ڪيس بابت عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي،حڪومت عالمي فنڊنگ بابت پنهنجو جواب اليڪشن ڪميشن ۾جمع ڪرائي چڪي آهي،اسلام آباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جي آڊٽ ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران ملندڙ امداد فارن فنڊنگ هوندي آهي، جنهن بابت پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾جواب جمع ڪرائي چڪي آهي

هن چيو ته اسلامو فوبيا سان جڙيل موقف عالمي امن لاءِ خطرو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته او آءِ سي کي اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويندو، اجلاس ۾ پاڪستان جي حڪومت پاران مذمتي ٺهراءُ به جمع ڪرايو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*