وزيراعظم عمران خان ”ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس “ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان “ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس” جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوندو ته مستقبل ۾ ڪهڙا اثر پوندا، ايندڙ نسل جو نه سوچينداسين ته اڳيان بربادي آهي، لاهور دنيا جو ٻيو يا ٽيون گدلو شهر بڻجي ويو آهي، جتي ماڻهو ساهه نٿا کڻي سگهن.

اسلام آباد ۾ “ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس ” منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گدلاڻ سبب ماڻهن جي حياتي خطري ۾ آهي، منصوبا ٺاهڻ وقت لاهور جي باري ۾ نه سوچيو، چونڊيل نمائندن کي اهو سوچڻ گهرجي ته ڪهڙو پاڪستان گهرجي.

عمران خان چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته ماڻهو ٽيڪس ڏين پيا، حڪومت وٽ پئسو اچي پيو، جيئن ئي پئسو ايندو، ماڻهن تي لڳائينداسين

وزيراعظم چيو ته پنهنجي ذات بابت سوچڻ جي ڪري دنيا کي نقصان پهتو آهي، ماڻهن ۾ حوس آهي، رڳو پاڻ کي امير ڪرڻ جو سوچين پيا

عمران خان چيو ته ملڪي تاريخ جو بهترين مڪاني نظام آڻي رهيا آهيون، سنڌ نئين مڪاني نظام کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، نئين پاڪستان ۾ پئسو صوبن ذريعي ڳوٺن ڏانهن منتقل ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*