نوازشريف هميشه ڀڄي ويندو آهي، آصف زرداري مڙس ماڻهو آهي: اعتزاز احسن

ناليواري قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته آرٽيڪل 243 وزيراعظم کي آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو حق  ڏئي ٿو، وزيراعظم جي اختيارن کي نه پر مدي ۾ واڌ ڏيڻ واري طريقيڪار کي چيلينج ڪري سگهجي ٿو، نواز شريف پهريون ڀيرو ڀڄي نه ويو آهي، هو اڳ به ملڪ ڇڏي ويو هو، آصف زرداري مڙس ماڻهو آهي، هن اڃا تائين ضمانت به نه گهري آهي، هو رڳو پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ جي گُهر ڪري رهيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته وزيراعظم وٽ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪرڻ جو اختيار آهي، آئين جو آرٽيڪل 243 وزيراعظم کي مدي ۾ واڌ جو حق ڏئي ٿو.

اعتزاز احسن چيو ته صدر رڳو ان کي ايڪسٽينشن ڏئي سگهي ٿو جنهن لاءِ وزيراعظم تجويز ڪندو، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ نه آرمي چيف پاڻ  ڪري سگهي ٿو نه ئي وري سپريم ڪورٽ اهو حق رڳو وزيراعظم وٽ آهي.

بئريسٽر اعتزاز احسن چيو ته وزيراعظم جي مدي ۾ واڌ واري اختيار کي نه پر مدي ۾ واڌ ڪرڻ واري طريقيڪار کي چيلينج ڪري سگهجي ٿو

نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ بابت سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف پهريون ڀيرو ڀڄي نه ويو آهي، هو اڳ به ملڪ ڇڏي ويو هو، آصف زرداري مڙس ماڻهو آهي، هن اڃا تائين ضمانت به نه گهري آهي، هو رڳو پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ جي گُهر ڪري رهيو آهي.

اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف کي لنڊن مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ ۽   آصف زرداري کي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج جي اجازت نه ڏيڻ سان پنجاب ۽ سنڌ جي سياستدان سان ڌار  ڌار ورتاءَ واري تاثر  کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*