آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي پريڪٽس
ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻيئن ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مصباح الحق جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي
پاڪستان ۽ آسٽريلياجي ٽيمن وچ کيڏي ويل پهرين ٽِيسٽ ميچ ۾ ميزبان ٽيم هڪ اننگز ۽ پنج رنز تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيت ۾هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ۾ ٻين ٽِيسٽ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ آهي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم اڄ هيڊ ڪوچ مصباح الحق جي نگراني هيٺ ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي
ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن پهرين مختلف ورزشون ڪيون،جنهن ۾ فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪئي.
فيلڊنگ جي پريڪٽس سيشن کان بعد نيٽ ۾ رانديگرن بيٽنگ ۽بالنگ جي پريڪٽس ڪئي.
ٽريننگ سيشن دوران هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقاريونس رانديگرن جي ڪارڪردگي جوجائزو ورتو.