هالاڻي ويجهو وين وڻ سان ٽڪرائجي وئي، نينگر فوت

ھالاڻي ۾ڊبل ڪئبن گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾هڪ ڄڻو فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

قومي شاھراهه تي ڪراچي کان گمبٽ ويندڙڊبل ڪئبن گاڏي ڊرائيورکي ننڊ اچڻ سبب ضابطي مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو،جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا، زخمين کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب سندس لاش هالاڻي جي اسپتال ۾ پيل آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*