ناري تعلقي ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي

 ناري  تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي، سرڪار پاران ڦوهاري لاِءِ  فراهم ڪيل جهاز به لاڀ نه ڏئي سگهيو،  ناري تعلقي  جي اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته تيل ۽ دوائون نه هجڻ سبب جهاز اڏام نٿو ڪري سگهي.

 ناري ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڪڙ ڪڻڪ ، سرنهن  ۽ ٻيا فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته چوٿين ڏينهن به ڦوهاري لاءِ جهاز اڏام نه ڪئي

 اسسٽنٽ ڪمشنر نارو صفدر ميراڻي جو چوڻ آهي ته تيل ۽ دوائن جي کوٽ سبب جهاز اڏام نٿو ڪري سگهي

 اسٽنٽ ڪمشنر نارو صفدر ميراڻي جو چوڻ آهي ته ڪشمنر سکر وٽ ٿيل گڏجاڻي ۾ طيءِ ٿيو آهي ته آبادگار پنهنجي مدد پاڻ تحت ماڪڙ جو خاتمو آڻين

ناري تعلقي جي سڪندرآباد، عبدالقادر شاهه، تجل شريف، کنھنواري، ڪوٽ جبو  ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ ديرا ڄمائي ورتا

 آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ سندن فصل توري مال جو چارو کائي چٽ  ڪري ڇڏيو آهي‏ سندن واهر ڪئي وڃي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*