قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
فروغ نسيم جي استعيفيٰ کانپوءِ پاڪستان بار ڪائونسل جي سنڌ مان خالي ٿيل سيٽ تي ايڊووڪيٽ ياسين آزاد کي نئون ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
اٽارني جنرل آفيس پاران فروغ نسيم جي استيعفيٰ ۽ ياسين آزاد جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
اٽارني جنرل انور منصور پاڪستان بار ڪائونسل جي چيئرمين طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
ان کان اڳ فروغ نسيم قانون واري وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن بعد هو آرمي چيف جي وڪالت ڪري رهيو آهي.
پاڪستان بار ڪائونسل فروغ نسيم جي وڪالت وارو لائسنس معطل ڪيو هو، جيڪو اڄ ئي بحال ڪيو ويو، جنهن بعد هن استعيفيٰ ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*