وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس

وزيراعظم عمران خان ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ  لاءِ صوبن کي عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عمران خان چيو آهي ته مارڪيٽن ۾ هڪ هٽي ۽ استحصال جو خاتمو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جـِي صدارت هيٺ ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وفاقي وزير خُسرو بختيار، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، عبدالرزاق دائود ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ جـَي حوالي سان مختلف تجويزن  جو جائزو ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ صوبن کي عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي  وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪمند جَي سرڪاري اگهه بابت اقتصادي رابطه ڪميٽيءَ جي فيصلن کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ خاص طور ننڍن هارين کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جِي پهرين ترجيح آهي، ان سان گڏ حڪومت ڳالهه تي به خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته زرعي ۽ صنعتي شعبي جِي ترقي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عام ماڻهوءَ کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته ڪمند جو سرڪاري اگهه اهڙو مقرر ڪيو وڃي، جنهن سان آبادگارن جي حوصله افزائي ٿئي، جڏهن ته مارڪيٽن ۾ هڪ هٽي ۽ استحصال جو خاتمو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*