ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر يوسف ٺيلهي والا جو يوٽرن

ڪراچي پوليس هٿان گرفتار ايم ڪيو ايم لنڊن جو دهشتگرد يوسف ٺيلهي والا وڏي وزير خلاف ڏنل بيان تان ڦري ويو، جوابدار عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته سندس وڊيو بيان درست نه هيو، هن ڪنهن سان به ملاقات ناهي ڪئي نه وري ڪنهن کي قتل ڪيو آهي، ماڻهن کي قتل متحده ڪارڪن نديم ۽ رياض چچا ڪندا هئا ۽ هو رڳو لاش ريڙهي تي رکي ٺڪاڻي لڳائيندو هيو، عدالت پوليس جي رمانڊ ۾ واڌ واري استدعا رد ڪندي جوابدار کي جيل اماڻي ڇڏيو.

سولجر بازار پوليس 96 قتلن جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم لنڊن جي دهشتگرد يوسف ٺيلهي والا کي 24 سال پراڻي قتل ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش ڪيو

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کان پڇا ڳڇا ڪرڻي آهي ، تنهنڪري رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي

 عدالت جوابدار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيترا قتل ڪيا آهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيا آهن؟ توهان کي ڪنهن قتل ڪرڻ جا حڪم ڏنا، ڪير هيو جيڪو مٿان کان توهان کي حڪم ڏيندو هو.

جوابدار چيو ته سندس ڪنهن سان به ڪا ملاقات ناهي ٿي نه ئي وري هن ڪنهن کي قتل ڪيو آهي، متحده ڪارڪن نديم ماربل ۽ رياض چچا ماڻهن کي اغوا ڪري قتل ڪندا هئا ۽ هو رڳو لاش ريڙهي تي رکي ٺڪاڻي لڳائيندو هيو.

جوابدار چيو ته کيس 1997 ۾ رينجرز گرفتار ڪيو  ۽ هو جيل ۾ سزا ڀوڳڻ بعد ڏوهن کان توبهه ڪري ڇڏي هئي.

عدالت پوليس جي رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست رد ڪندي دهشتگرد يوسف ٺيلهي والا کي جيل ماڻي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*