چونڊون ضرور ڪرائبيون پر 5 سالن کانپوءِ: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا هي پارليامينٽ ان وقت تائين جعلي نٿي ٿي سگهي جيستائين اوهان ۽ اوهان جي پارٽي جا اڳواڻ هن ايوان ۾ موجود آهن، ميان نواز شريف لنڊن پهچڻ کانپوءِ ن ليگ جي ترجمانن پاران ملڪ ۾ لاڳو ڪيل هنگامي حالتون هڪ دم ختم ٿي ويون، نون ليگ جو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪيل هڪ صفحو به قطري لڳي پيو.

ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان مولانا جي گذريل پارليامينٽ جي تقريرن جي روشني ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون، نيون چونڊون ضرور ڪرايون وينديون پر 5 سالن کانپوءِ آئيني مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ.

وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون چيو ته گذريل پارليامينٽ ۾ مولانا چوندو هو ته پارليامينٽ کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميان نواز شريف لنڊن پهچڻ کانپوءِ ن ليگ جي ترجمانن پاران پاڪستان ۾ لاڳو ڪيل هنگامي حالتون هڪ دم ختم ٿي ويون، نون ليگ جو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪيل هڪ صفحو به قطري لڳي پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*