وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام بابت اجلاس

وڏي وزير مراد علي شاهه صحٽ کاتي ۽ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام کي  ڊينگي ۽ ٻيون بيمارين جي پکڙجڻ کان اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن بيماري جَي پکڙجڻ بعد قدم کنيا ويندا ته نقصان ٿي چڪو هوندو، ڊينگي ڪيسز جي آئوٽ بريڪ کان اڳ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام وارن کي واڳيل کاتا آگاهه ڪن ته جيئن وقت سر مرض تي ضابطو آڻي سگهجي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ ڊينگي جي روڪٿام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام ۽ صحت کاتي جي عملدارنشرڪت ڪئي.

ڊينگي ڪنٽرول پروگرام جي عملدارن  وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڊينگي سڄي صوبي ۾ پکڙجي چڪو آهي، هيل تائين ڊينگي وگهي  42 ماڻهو فوت ۽ 52 هزار کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن.

وڏي وزير صحت کاتي ۽ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام کي بيمارين کان اڳواٽ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بيماريون پکڙجڻ کانپوءِ قدم کڻڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو، نقصان ته ٿي چڪو هوندو .

وڏي وزير سنڌ ۾ ڊينگي وگهي فوت ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جا انگ اکر طلب ڪندي چيو ته  ڊينگي ڪيسز جي آئوٽ بريڪ کان اڳ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام وارن کي واڳيل کاتا آگاهه ڪن ته جيئن وقت سر مرض تي ضابطو آڻي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*