ملتان کان ڪراچي ايندڙ ڪار جو ٽرڪ سان ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي فوت

ملتان کان ڪراچي ايندڙ ڪار، ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ سبب زال ۽ مڙس سميت هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا

ريسڪيو ذريعن مطابق  سومر ڏينهن صبح جو پنجين وڳي ڌاري هڪ فيملي ملتان کان ڪراچي لاءِ نڪتي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي.

فيملي جيڪا هڪ ڪار ۾ سوار هئي،ڪار تيزي رفتاري سبب سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب هڪ ئي خاندان جا پنج ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن مطابق حادثو انٽر چينج وٽ پيش آيو،جڏهن ته  فوتين جا لاش اسپتال نيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*