عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانونسازي عمران خان جي قيادت ۾ ٿيندي: فردوس ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت  خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته انفورسمنٽ آف ويمن پراپرٽي رائيٽس آرڊيننس ۾ ترميم  جي ڪابينا مان منظوري وزير اعظم جو عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ جائيداد ۾ حصيدار ٿيڻ جي عزم طرف اهم قدم آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عورتن کي طاقتور ۽ معاشري ۾ انهن جي فعال ڪردار  کي يقيني بنائڻ نئين پاڪستان جو مشن آهي

خاص معاون چيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ قانون سازي عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان ۾ نئين دور جي شروعات آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*