انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم هن وقت پاڪستان ۾ آهي، راجناٿ سنگهه

ڀارتي حڪومت الزام هڪ ڀيرو ٻيهر الزام مڙهيو آهي ته ڀارت کي موسٽ وانٽيڊ انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم پاڪستان ۾ آهي، جنهن کي واپس آڻڻ تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

دائود ابراهيم جي ٺڪاڻي جي حوالي سان ڀارت ۾ ڪجهه وقت کان تڪراري بيان ۽ بحث جاري آهن، جنهن بعد سومر ڏينهن ڀارتي گهرو وزير راجناٿ سنگهه لوڪ سڀا کي خطاب ڪندي الزام مڙهيو ته انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم هن وقت پاڪستان ۾ آهي.

راجناٿ جو چوڻ هو ته دائود ابراهيم 1993، ممبئي جي سيريل بم ڌماڪن ڪيس ۾ گهربل آهي، جنهن خلاف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران 2006ع ۾ خاص نوٽِس پڻ جاري ٿي چڪو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته ڀارت کي جوڳا اطلاع آهن ته دائود ابراهيم پاڪستان ۾ موجود آهي.

ان کان اڳ ڀارتي حڪومت دائود ابراهيم جي ٺڪاڻي بابت تڪراري بيان ڏيندي رهي آهي، گذريل هفتي نائب گهرو وزير هري ڀائي پرتي ڀائي چوڌري پارليامينٽ ۾ بيان ڏيندي چيو هو ته حڪومت دائود ابراهيم جي موجوده ڏس پتي کان اڻواقف آهي، جنهن تي مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ڪيو ويو هو.

راجناٿ سنگهه جو چوڻ هو ته پاڪستان کي گهربل ثبوت فراهم ڪيا ويا آهن، انڪري اسلام آباد عالمي ذميوارين کي پورو ڪندي دائود ابراهيم ۽ ٻين گهربل دهشتگردن کي پاڪستان حوالي ڪري ۽ ڀارت کيس واپس آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*