ڪامياب نوجوان پروگرام مستقبل جي معمارن لاءِ ڪاميابي آهي: فردوس ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام مستقبل جي معمارن لاءِ ڪاميابي جي ضمانت آهي،قرض جي فراهمي جي شروعات وزيراعظم جي نوجوانن سان ڪيل واعدي پوري ڪرڻ طرف قدم آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لکين نوجوانن   جي قرض حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان تي اعتماد آهي

خاص معاون چيو ته عمران خان  کي يقين آهي ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي هٿي وٺرائي ترقي  ڪري سگهي ٿو

هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام جي پهرين مرحلي  لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*