مائنس عمران خان چوڻ وارا پاڻ مائنس ٿي ويندا: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ليگي قيادت عجب ڪرپشن جي غضب داستانن جا مفرور آهن، پاڪستان ۾ سياسي احتجاج ٺيڪي تي مولانا ۽ سندس ساٿين جي حوالي آهي، دولت ۽ پاڻ کي بچايو پلانز ۽ سازشيون ناڪامي جو شڪار آهن.

ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان کي مائنس ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ پاڻ مائنس ٿي رهيا آهن، ڪرپشن سان پنهنجي دولت پلس ڪندڙ هاڻي مائنس شور ڪرڻ بدران قوم کي ڦريل دولت واپس ڪن ۽ سياست کان ڪنارو ڪرڻ جو پلان تيار ڪن.

خاص معاون چيو ته ٻيو مشن عمران خان جو آهي جيڪو قوم جي ڦريل هڪ هڪ پائي وصول ڪرڻ جي مشن تي هلي رهيو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جن کي عوام مائنس ڪيو، اهي سازشن سان پاڻ کي قبول هئڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ ڇڙايون هڻي رهيا آهن، پاڻ کي“ رِليونٽ ” رکڻ جو آخري پلان به بري طور فلاپ ٿي ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*