پي ٽي آءِ حڪومت اظهار جي آزادي تي يقين نه ٿي رکي: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته رياست پاران پنهنجن  شهرين سان معاهدي جو احترام ۽ هرشهري  جي بنيادي حقن  جي بنا فرق جي پاسداري ضروري آهي.انساني حقن جي ڀڃڪڙي پاڪستان قائم ڪرڻ جي  اصولن  جي ڀڃڪڙي ڪرڻ برابر آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن کان موجودهه حڪومت مڙهي وئي آهي،ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ اضافو ٿيو آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت صحافت جي آزادي کان وٺي يونين سازي تائين جهڙن حقن کي دٻائڻ واري مهم جي سرپرستي ڪئي

هن چيو ته پرامن ۽ ترقي پسند معاشري جي لاءِ اظهار جي آزادي، عقيدي جي آزادي، عورتن، ٻارن ۽ پوئتي پيل طبقن کي حق ڏيڻا پوندا

بلاول چيو ته حڪومت جون معاشي پاليسيون عوام کي عزت سان جيئڻ جي حق کي غضب ڪرڻ ۽ پسماندگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي  رهيون آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*