ڪتن ڏاڙهيل لاڙڪاڻو واسي ٻارڙو حسنين ٻگهيو فوت

ڪتن جو ڏاڙهيل لاڙڪاڻي واسي نينگر حسنين ٻگهيو ڪراچي جي اين آءِ سي ايڇ ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو، حسنين کي 27 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ حبيب ٻگهيو ۾ ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو هو، کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، ڊاڪٽرن ٻه ڀيرا آپريشن به ڪيو پر حسنين جي زندگي نه بچائي سگهيا، اين آءِ سي ايڇ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جمال چيو آهي ته نينگر جو انفيڪشن وڌي ويو هو ۽ ان سبب ئي سندس موت ٿيو، وڏي وزير حسنين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ڪراچي جي اين آءِ سي ايڇ ۾ داخل ڪتن جو ڏاڙهيل لاڙڪاڻي واسي نينگر حسنين ٻگهيو اڄ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

حسنين کي 27 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ حبيب ٻگهيو ۾ ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو هو، جنهن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو.

ڊاڪٽرن حسنين جو ٻه ڀيرا آپريشن به ڪيو پر حسنين جي زندگي نه بچائي سگهيا، اين آءِ سي ايڇ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جمال چيو آهي ته نينگر جو انفيڪشن وڌي ويو هو ۽ ان سبب ئي سندس موت ٿيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪتن جي ڏاڙهيل نينگر حسنين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهارڪندي چيو ته اسان حسنين جي حياتي بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا، پر سندس حياتي نه بچائي سگهياسين، وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*