سنڌ حڪومت پوليس آفيسرن جي ميڊيا تي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

سنڌ حڪومت پوليس آفيسرن سميت سمورن سرڪاري آفيسرن جي ميڊيا تي پابندي لاڳو ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

ايس اين جي اي ڊي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪو به سرڪاري آفيسر نه ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندو ۽ نه ئي ٽاڪ شو ۾ شرڪت ڪري سگهندو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه سرڪاري آفيسر ۽ سول سرونٽ بنا اجازت تي ميڊيا تي اچن ۽ ٽاڪ شو ۾ شرڪت ڪن ٿا، جيڪي هاڻي اجازت کانسواءِ ميڊيا تي نه ايندا.

سنڌ حڪومت پاران پابندي جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊويزنل ڪمشنرز ۽ سمورن ضلعن جي ڊي سيز کان علاوه 11 کاتن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل پابندي خاص طور تي پوليس آفيسرن مٿان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*