وزيراعظم ڏکين حالتن ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

سڌ سماءَ جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته وزير اعظم ڏکين حالتن ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ ان کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچايو

ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته رپئي جي قيمت ۾ بهتري ۽ پرڏيهي سيڙپ ۾ واڌ سٺو سنئوڻ آهي.

هن چيو ته وزير اعظم جي قيادت ۽ معاشي ٽيم جي محنت سبب  ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي ڪري رهيو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جاري اڪائونٽس جي کوٽ ۾ 73 گهٽتائي آئي،ڪاروبار ۾ آسانيون پئدا ڪرڻ بابت پاڪستان 28 درجي تائين بهتر ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*