اليڪشن ڪميشن، ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن، ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب 93 هزار ٻه سئو 31 اميدوار ميدان تي لٿل آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، ڪي پي ڪي ۾ 93هزار ٻه سئو 31 اميدوار مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندا.

اليڪشن ڪميشن موجب هڪ لک 3هزار 522 اميدوارن مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جن مان 10هزار 291 اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اقليتي سيٽن تي 552 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته يوٿ سيٽن تي 15هزار 379 اميدوار ۾ مقابلو ٿيندو.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، 93هزار 231 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، هاري-ڪسان جي سيٽن تي 16هزار 400 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*