سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن 12 مئي سانحي خلاف سڀاڻي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن پاران 12 مئي سانحي خلاف سڀاڻي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

بار ايسوسيئشن جي سڏ تي سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ، ملير ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتن ۾ ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 12 مئي سنڌ جي تاريخ جو بدترين سانحو آهي، پر هيل سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ناهي ملي سگهي.

وڪيلن مطالبو ڪيو ته 12 مئي سانحي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*