سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ٽرانسپورٽرز پاران ڦيٿاروڪ هڙتال

گڊز ٽرانسپورٽرز اڄ کان پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڦيٿاروڪ هڙتال ڪري ڇڏي آهي

ٽرانسپورٽرز پاران ڏنل هڙتال جي سڏ تي اڄ کان ڪراچي سميت ملڪ جي سمورن شهرن ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي.

ٽرانسپورٽرز هڙتال سان گڏ احتجاجي ڪيمپون قائم ڪري اڻ ڄاڻايل مدي تائين احتجاج ڪري رهيا آهن.

ٽرانسپورٽرز  جي احتجاج سبب مختلف شهرن ڏانهن سامان جي اچ وڃ بند ڪئي وئي آهي.

ٽرانسپورٽرز اتحاد جي سڏ تي ملڪ جي سمورن سپر  ۽ نيشنل هاءِ ويز ڀرسان گاڏيون بيهاريون ويون آهن.

گڊز ٽرانسپورٽرز  جي ترجمان امداد حسين جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽرز  ايڪسل لوڊ لمٽ مڪمل طور لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا،اسان جي هڙتال جو مقصد صرف ۽ صرف قانون تي عمل ڪرڻ آهي.

هن چيو ته ٽرانسپورٽرز کان اضافي پرمٽ فيس ۽  ڏنڊ  ختم ڪيا وڃن.

واضح رهي ته ٽرانسپورٽرز وفاقي وزير مراد سعيد جي استعيفا جو به مطالبو ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*