ايران پاران آپريشن ”شاهد سليماني“ شروع، آمريڪي هوائي اڏن تي حملا

ايران جنرل قاسم سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ آپريشن “شاهد سُليماني” شروع ڪري ڇڏيو، پاسداران انقلاب عراق ۾2 وڏن آمريڪي اڏن عين الاسد ۽ اربيل ايئربيس کي درجنين بئليسٽڪ ميزائلن ۽ راڪيٽن سان نشانو بڻايو.

 ايران جنرل قاسم سليماني جو بدلو وٺڻ لاءِ،عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي راڪيٽن ۽ بيليسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو.

  پاسداران انقلاب چيو آهي ته آمريڪي اڏن تي حملا جنرل قاسم سليماني جي قتل جو پلاند آهن.

ايران ڄاڻايو آهي ته واشنگٽن ميزائيل حملن جو جواب ڏنو ته آمريڪا اندر تباهه مچائيندڙ ڪارروايون ڪرڻ سان گڏ اسان جو ٽيون نشانو اسرائيل جو شهر “حيفه” هوندو.

 ايراني ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته عين الاسد ايئربيس تي حملي ۾ڪيترائي آمريڪي فوجي مارجي ويا يا زخمي ٿيا آهن.

ايراني پرڏيهي وزير  جواد ظريف ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته ايران گڏيل قومن جي چارٽر 51 تحت  پنهنجي دفاع لاءِ مناسب قدم کڻندي آمريڪي ائيربيس کي نشانو بڻايو.

هن چيو ته انهن اڏن تان اسان جي شهرين ۽ اعليٰ عملدارن  جي خلاف بزدلي وارا هٿياربند حملا ڪيا پئي ويا.

ايراني پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڇڪتاڻ يا جنگ جا خواهشمند ناهيون، پر ڪنهن به اڳرائي  جي خلاف پنهنجي بچاءُ جو حق رکون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*