ايران ۾ يوڪرين جو مسافر جهاز ڪري تباهه

 

 ايران ۾ يوڪرين جو بوئنگ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جهاز ۾ 180 مسافر سوار هئا، حادثي ۾ سمورن مسافرن جي فوت ٿي وڃڻ جا اطلاع آهن.ايراني ميڊيا مطابق  ايران ۾ يوڪرين جو 737 بوئنگ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.

 جهاز ، تهران  ايئر پورٽ تان ٽيڪ آف ڪندي ٿوري دير کانپوءِ ڪري تباهه ٿي ويو.

حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري جاءِ تي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.

ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته جهاز فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿيو.

ايران جي سرڪاري ميڊيا دعوا ڪئي آهي ته حادثي ۾ سمورا مسافر فوت ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*