پي ٽي آءِ سرڪار ٽڪ ٽاڪ آهي، ٽڪ ٽاڪ ذريعي ئي ڪرندي: سعيد غني

سڌ سماءَ وارَي وزير سعيد غني پي ٽي آءِ سرڪار کي ٽڪ ٽاڪ حڪومت قرار ڏيندي چيو آهي ته نااهل وزيرن جو ڪم رڳو وڊيو ٺاهي وائرل ڪرڻ آهي، شهريار آفريدي ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته حريم ۽ ترميم ۾ ڪهرو فرق آهي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار ٽڪ ٽاڪ حڪومت آهي، جيڪا ٽڪ ٽاڪ ذريعي ئي ڪرندي.

هن چيو ته شهريار آفريدي اڪثر چوندو آهي ته وڊيو ۽ فٽيجز ۾ فرق آهي، ان ڪري حريم ۽ ترميم ۾ فرق بابت به اهو ئي بهتر ٻڌائي سگهي يٿو.

هـُن چيو ته حڪومت کي انڪم سپورٽ پروگرام مان مستحق ماڻهن جا نالا ڪڍڻ نه ڏينداسين، ضرورت پوڻ تي احتجاج ڪيو ويندو.

سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار پنهنجي ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرائڻ چاهي، ڏيڍ هزار ماڻهن جَي ڪري 8 لک آبادي کي ان حق کان محروم نه ڪيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي سائيز گهٽ آهي، صوبي ۾ 18 کان وڌيڪ وزير مقرر نٿا ٿي سگهن، اڪثر کاتا وڏي وزير وٽ هوندا آهن.

سنڌ جي اسڪول جي خراب حالت بابت سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته تعليم نصاب ۾ نواڻ آڻينداسين، اسان جو ترقياتي پروگرام 6 ارب رپين جو آهي، سڀني جي ذميواري آهي ته منصوبي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.

هن چيو ته تعليم ۽ صحت جا شعبي ٻئي اهم آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي، ڪجهه علائقن ۾ عمارتن جي نالي تي اسڪول ٺاهيا ويا آهن، اهي بند ڪري پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*