آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پابنديون ان وقت تائين جاري رهنديون، جيستائين ايران پنهنجو رويو تبديل نٿو ڪري.

 وائيٽ هائوس ۾ بريفنگ ڏيندي آمريڪي صدر ٽرمپ الزام مڙهيو ته جنرل قاسم سليماني دنيا جو چوٽيءَ جو دهشتگرد هو، ايران جي حملن ۾ اسان جو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، ارلي وارننگ سسٽم جي ڪري عراق اندر آمريڪي اڏن تي اسان جا ماڻهو محفوظ رهيا.

آمريڪي صدر چيو ته ايران جي خلاف نيون ۽ سخت معاشي پابنديون لاڳو ڪنداسين، جڏهن کان آمريڪي صدر آهيان، ايران کي ايٽمي بم ٺاهڻ جي اجازت نه ڏئي رهيو آهيان،ايران کي پنهنجي ايٽمي پروگرام تان هٿ کڻڻو ئي پوندو.

ٽرمپ چيو ته آمريڪي فوج عراق ۾ هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي،ان حوالي سان نيٽو اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

ٽرمپ چيو ته ايران  يمن، عراق، لبنان ۽ افغانستان ۾ تباهي مچائي آهي.

هن چيو ته منهنجي حڪم تي جنرل سليماني کي قتل ڪيو ويو،هن جا هٿ ڪيترن ئي آمريڪين جي خون ۾ رڱيل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*