سنڌ هاءِ ڪورٽ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف اوگرا، پيٽروليم وزارتن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي اوگرا، پيٽروليم ۽ قانون وارين وزارتن کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 14 جنوري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذار موجب موجوده حڪومت 16 ڀيرا تيل اگهن ۾ واڌ ڪري چڪي آهي، نئين واڌ سان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو.

درخواستگذار ايڊووڪيٽ عرفان عزيز پاران تيل اگهن ۾ واڌ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ اوگرا، پيٽروليم واري وزارت ۽ قانون واري وزارت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت پيٽرول جي في ليٽر تي 65 رپيا ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، تازو ڪيل واڌ سان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موجوده حڪومت تيل اگهن۾ 16 ڀيرا واڌ ڪري چڪي آهي، جڏهن ته رڳو ٻه ڀيرا پيٽروليم شين ۾ معمولي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جڏهن پئسن جي ڪرنسي ختم ٿي وئي آهي ته پئسن ۾ ٽرانزيڪشن کي غير قانوني قرار ڏئي تيل اگهن ۾ واڌ رد ڪئي وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي اوگرا، پيٽروليم ۽ قانون وارين وزارتن کي نوٽيس جاري ڪندي 14 جنوري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*