بلوچستان کي گيس ملڻ لاءِ درخواست ڏني، پر ڪا موٽ نه ملي: سرفراز بگٽي

بلوچستان کي گئس جي فراهميءَ  نه  ڪرڻ خلاف سينيٽر سرفراز بگٽي سينيٽ ۾ ڌرڻو ڏنو ۽ احتجاج طور  ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو

حڪومتي ڌر سان واسطو رکندڙ بلوچستان جي سينيٽر سرفراز بگٽي ڊيرا بگٽي سميت مختلف علائقن کي گئس جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو.

سرفراز بگٽي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته هينئر به اسان جون مائرون ڪاٺيون ٻاري ماني پچائي رهيون آهن.

هن چيو ته  مون بلوچستان  سميت پنهنجي تڪ جي عوام کي گئس جي فراهمي لاءِ درخواست ڏني هئي،پر ڪابه موٽ نه ملي آهي.

ن ليگ جي سينيٽر مشاهدالله چيو ته  سرفراز بگٽي سرڪاري ڌر جو سينيٽر آهي،ان کي ايوان ۾ آندو وڃي.

سينيٽ جي چيئرمين  حڪومتي ڌر کي هدايت ڪئي ته سرفراز بگٽي کي پرچائي ايوان ۾ آندو وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*