سنڌ حڪومت پاران غيرقانوني ايل پي جي گيس وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

سنڌ حڪومت غير قانوني ايل پي جي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو، ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه غير قانوني ايل پي جي وڪرو ڪندڙ دڪان سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اويس قادر شاهه چيو آهي ته شهرين جون زندگيون بچائڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايل پي جي غير قانپوني وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، حيدرآباد ۾ ڪيترائي دڪان سيل ڪيا ويا آهن.

ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير  اويس قادر شاهه سنڌ جي وڏن شهرن ۾ غير قانوني طور ايم پي جي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد ۾ غير قانوني  ايل پي جي وڪرو ڪندڙ دڪان سيل ڪيا ويا آهن.

ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته  غير قانوني ايل پي جي جا دڪان خطرناڪ آهن، شهرين جون حياتيون بچائڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*