وزيراعظم اين آر او نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر اين آر او ته ٿي ويو: اعتزاز احسن

پ پ جي سينئر اڳواڻ بيريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان اين آر او نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر اين آر او ته ٿي ويو، نوازشريف مسلم ليگ نون جا ووٽ وڪڻي پرڏيهه هليو ويو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته نوازشريف کي ڪي به پئسا واپس ناهن ڪرڻا.

پ پ اڳواڻ چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ ميان صاحب گهڻي ڦڙتي ڏيکاري،پر اسان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ ووٽ ڏيڻ جي حق ۾ نه هئاسين.

هن چيو ته مان 1985 کان نوازشريف  تي اعتبار نٿو ڪريان.

هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي ٻين سمورن سياستدانن کي ملهه ماري ويو آهي،هو ٻين کان الڳ سياست ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڪارساز سانحي  کانپوءِ مون چيو هو ته بلاول کي پارٽي جون واڳون سنڀالڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*