انتهاپسندي جي جن جي بوتل کان ٻاهر نڪرندي ئي هميشه رتوڇاڻ ٿي آهي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انتها پسند آر ايس ايس هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي ايٽمي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم چيو ته انتهاپسندي وارو نظريو نسلي مت ڀيت ۽ مسلمانن سميت سمورين اقليتن خلاف نفرت تي ٻڌل آهي.

وزير اعظم چيو ته  انتها پسندي جي جن جي بوتل کان ٻاهر نڪرندي ئي هميشه رتو ڇاڻ ٿي آهي.

واضح رهي ته ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف مٿڀيد وارن قانونن جي خلاف وڏي پئماني تي  احتجاج جاري آهي،جنهن ۾ لکين شهري شريڪ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*