نيب سکر کانپوءِ نيب راولپنڊي به خورشيد شاهه خلاف سرگرم ٿي ويو

نيب سکر کانپوءِ نيب راولپنڊي به پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف سرگرم  ٿي ويو آهي، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس کانپوءِ خورشيد شاهه جي وزارتن واري دور ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ درخواست ڏئي اجازت گهري ورتي آهي، جنهن تي عدالت خورشيد شاهه کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 17 جنوري تي مقرر ڪري ڇڏي آهي.

نيب راولپنڊي پورهئي واري وزارت، مين پاور ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارتن ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ اجازت سکر جي احتساب عدالت کان اجازت گهري ورتي آهي.

نيب راولپنڊي پاران اماڻيل درخواست ڊي جي نيب پاران سکر جي احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي وئي، جنهن تي عدالت خورشيد شاهه کي نوٽيس جاري ڪندي 17 جنوري تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي.

نيب راولپنڊي پاران خورشيد شاهه خلاف 10 سوالن تي ٻڌل سوالنامو به نيب سکر کي اماڻيو ويو آهي.

نيب راولپنڊي پاران خورشيد شاهه خلاف ليبر، مين پاور ۽ اوور سيز پاڪستانيز وزارتن ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ لاءِ اجازت گهري ورتي وئي آهي.

ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 21 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*