سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ برسات، ٿڌ ۾ واڌ

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات، موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان سيءَ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، ميرپورخاص ۽ ٺٽي سميت مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ اڄ کان ٿڌ ۾وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ گرمي پد 10 ڊگري کان هيٺ اچي سگهي ٿو،

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ ٿڌ جي لهر ڇنڇر تائين جاري رهندي،17 جنوري جي رات ڪراچي ۾ گرمي پد 5 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪِري سگهي ٿو.

جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.

پٿوري،صوفي فقير ، راجا رستي، شادي پلي ۽ ڀروارن علائقن ۾تيز ھوا سان  برسات کانپوءِ سيءُ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

ميھڙ ۾ برسات بعد 10فيڊرن جي بند ٿي ويل بجلي 24 ڪلاڪن کانپوءِ به بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن جي ڪري شهرين کي پاڻي فراهمي بند ٿي وئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*