وزيراعظم عمران خان پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ آفيسرن جا نالا ظاهر ڪرڻ جو اعلان

وفاقي ڪابينا ۾ وزيراعظم عمران خان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ آفيسرن  جا نالا عوام جي سامهون آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزير اعظم انڪم سپورٽ پروگرام ۾ فراڊ ڪندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزير اعظم چيو ته ايم ڪيو ايم جا تحفظات درست آهن،جن کي جلد ختم ڪري ڇڏينداسين.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي  جي وزارت تان استعيفيٰ بعد صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

هن چيو ته سمورن اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا.

واضح رهي ته ڪابينا جي اجلاس ۾ سورهن نقاطي ايجنڊا تي ويچاريو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*