قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سنڌ جي ورهاڱي وارو متحده جو بل ايجنڊا مان ڪڍي ڇڏيو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سنڌ جي ورهاڱي وارو متحده جو بل ايجنڊا مان ڪڍي ڇڏيو.سنڌ جَي ميمبرن لال مالهي، جئه پرڪاش،کيئل داس ڪوهستاني، آغا رفيع الله ۽ ٻين چيف وهپ عامر ڊوگر سان ملاقات ڪري بل تي خدشا ظاهر ڪيا.ملاقات دوران ميمبرن جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جو بل سنڌ جي ورهاڱي جي سازش آهي.ميمبرن جي خدشن کانپوءِ چيف وهپ جي رپورٽ تي اسپيڪر 11 نمبر ايجنڊا تي رکيل بل ايجنڊا مان ڪڍيو.ان کان اڳ به قومي اسيمبلي جي ايجنڊا مان ايم ڪيو ايم  ڪشور زهره،اسامه قادري، اقبال محمد علي ۽ ٻين 6 ميمبرن پاران جمع ڪرايل بل ايجنڊا مان ڪڍيو ويو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*