متحده کي پرچائڻ ۾ ناڪام پي ٽي آءِ جو وفد گورنر عمران اسماعيل جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ پير پاڳاري وٽ پهچي ويو

پي ٽي آءِ سرڪار اتحادين کي پرچائڻ ۽ سندن خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي، متحده کي پرچائڻ ۾ ناڪام پي ٽي آءِ جو وفد گورنر عمران اسماعيل جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ پير پاڳاري وٽ پهچي ويو، پير پاڳاري گورنر کي ميارون ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جيڪي واعدا ڪيا هئا، اهي پورا نه ٿيا، رڳو ايم ڪيو ايم نه اسان به اوهان جا اتحادي آهيون، پي ٽي آءِ جي حڪومت سموري سنڌ بدران رڳو ڪراچي تي فوڪس ڪري رهي آهي، صوبي جا مسئلا حل ناهن ٿيا، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته وفاقي حڪومت جو پئڪيج رڳو ڪراچي لاءِ نه پر سموري سنڌ لاءِ هوندو. پي ٽي آءِ جو وفد گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي اڳواڻي ۾ ڪنگري هائوس ڪراچي پهچي جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان رڳو ڪراچي کي فوڪس ڪرڻ جي شڪايت ڪندي جي ڊي اي سربراهه پاڳاري چيو ته اڳ سنڌ حڪومت کان مايو هئاسين هاڻي اوهان مان به مايوس آهيون، رڳو ايم ڪيو ايم ئي ناهي اسان به اتحادي آهيون، غير اهم وزارت ڏيڻ باوجود شڪايت نه ڪئي. پيرپاڳاري چيو ته صوبائي حڪومت پيپلزپارٽي جي پر وفاق ۾ ته حڪومت اوهان جي آهي، بجلي ۽ گيس وارا کاتا ته وفاقي آهن اهي ڇو نٿا ٻڌن؟ پي ٽي آءِ سرڪار جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا نه ڪيا. گورنر سنڌ چيو ته ملڪي معاشي حالتون خراب هيون هاڻي ڪجهه بهتر ٿيون آهن، واعدا پورا ڪنداسين، وزيراعظم طرفان ساٿ ڏيڻ ۽ صبر ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيون ٿا. ذريعن موجب پيرپاڳارو چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي عروج تي آهي، احتساب ڪٿي آهن؟ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ ٽولي جو سخت احتساب چاهيون ٿا. پيرپاڳاري سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيندو، اهو پي ٽي آءِ جي منشور ۾ شامل ناهي. صدر الدين شاهه چيو ته سنڌ جا پٽ آهيون، ڌرتي خلاف ڪابه سازش قبول نه ڪئي ويندي، جيستائين حياتي آهي، تيستائين ورهاڱي جي ڳالهه به قبول نه ڪنداسين، گورنر سان سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ ڳالهيون ٿيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*