آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ برفباري ۽ برفاني ڇتون ڪرڻ سبب  دٻجي فوت ٿيلن جو تعداد 82 ٿي ويو آهي

آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ برفباري ۽ برفاني ڇتون ڪرڻ سبب  دٻجي فوت ٿيلن جو تعداد 82 ٿي ويو آهي، ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي موجب برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 6 گهر به تباهه ٿي ويا ۽  15 شهري زخمي به ٿيا، ڪيترائي شهري هاڻ به برف هيٺ دٻيل آهن. مقامي پوليس مطابق وادي نيلم ۾ سرگن جي علائقي ۾ برفاني ڇت گهرن مٿان ڪري پئي، جنهن سبب تيرهن شهري فوت ٿي ويا. ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي  مطابق برفاني ڇتن هيٺان اچي ڇهه گهر به تباهه ٿي ويا. پوليس  برفاني ڇتن هيٺان اچي  پندرهن ماڻهن جي  زخمي  ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته يارهن  شهري هاڻ به دٻيل آهن. اسلام آباد ۽  مظفرآباد  روڊ تي لينڊ سلائيڊنگ سبب  بند ٿي ويو آهي، جنهن سبب شهرين کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي ويوآهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*