آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾خطي ۽ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾خطي ۽ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته  ڀارتي آرمي چيف جو بيان غيرذميواراڻو آهي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج قومي سلامتي ۽ وطن جي دفاع تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي. هن چيو ته پاڪستان امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان خطي ۾امن ۽ سلامتي جو اهم ڀائيوار آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*