آزاد ڪشمير ۾ شديد برفباري دوران برف جون ڇپون ڪرڻ سبب فوتين جو تعداد   100 کان وڌي ويو آهي

آزاد ڪشمير ۾ شديد برفباري دوران برف جون ڇپون ڪرڻ سبب فوتين جو تعداد   100 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي شهري زخمي ۽ غائب آهن.آزاد ڪشمير جي حڪومت جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي سامان فوجي هيلي ڪاپٽرز جي ذريعي پهچايو ويو آهي.

آزاد ڪشمير ۾ جاري برسات ۽ برفباري سبب فوتين جو تعداد 100  کان وڌي ويوآهي.وادي نيلم  جي هڪ ئي ڳوٺ سرگن بگوالي ۾ 19 کان وڌيڪ شهري برف جي ڇپ هيٺ دٻجي فوت ٿي ويا آهن.

نيلم ۽ ليپا  سميت مٿئين علائقن ۾ ٽيلي فون ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويوآهي.مختلف ضلعن جا رستا بند ٿي ويا آهن ۽ عوام گهرن تائين محدود ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير  جي وزير اعظم راجا فاروق حيدر ٻڌايو ته سموري رياست  ۾ برسات ۽ برفباري سبب هينئر تائين 62 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ 47 زخمي ٿيا آهن.

ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي جي مملڪتي وزير احمد رضا قادري  ميڊيا کي ٻڌايو ته وادي نيلم ۽ ٻين علائقن مان لاشن ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي.پاڪ فوج جا هيلي ڪاپٽر زخمين کي اسپتالن تائين منتقل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ امدادي سامان پڻ پهچايو ويوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*