بلوچستان ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برفباري  سبب سيءُ جو ٽيهن سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويوآهي

ڪوئيٽا ۽ زيارت سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد برفباري معمول جي زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، ٽن ڏينهن دوران جاري برفباري سبب سيءُ ٽيهن سالن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ فوتين جو تعداد ويهه ٿي ويو آهي.

بلوچستان ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برفباري  سبب سيءُ جو ٽيهن سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويوآهي، گرمي پد  ڪاٽو نو  تائين ڪري پيو آهي، جڏهن ته رستن تي هر طرف  برف ئي برف آهي.

صوبائي  گادي  واري شهر ڪوئيٽا ۾ هڪ فٽ تائين برفباري سان معمول جي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي آهي ۽ شهري پنهنجن گهرن ۾ قيد رهجي ويا آهن،جڏهن ته نلڪن ۾ ايندڙ پاڻي تائين ڄمي ويو آهي.

برفباري سبب رستا، ريلوي  ۽ ٽرانسپورٽ  سميت ٻيا ذريعا به مفلوج ٿي ويا آهن.زيارت جي مختلف علائقن ۾ برف جا تهه ٻه کان ٽي فٽ تهه  ڄمي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*