اسلام آباد / ڪوئيٽا: آزاد ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ برفباري، ڇپون ۽ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ وارن واقعن ۾ فوتين جو انگ 100 کان وڌي ويو * آزاد ڪشمير ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 76 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪيترائي زخمي به ٿيا آهن: اين ڊي ايم اي * بلوچستان ۾ برفباري سبب مختلف حادثن ۾21 ڄڻا، گلگت بلتستان ۾7۽ ڪي پي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيا: اين ڊي ايم اي * نيلم ماٿري مان وڌيڪ 5 لاش هٿ اچڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 76 ٿي ويو آهي، 53 ڄڻا زخمي * بلوچستان جي قلعه عبدالله ۽ زيارت ۾ روڊ رستا لاڳيتو بند پيل، ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل * وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهچي سي ايم ايڇ ۾ داخل زخمين جي عيادت ڪئي * راولپنڊي: آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾برفباريءَ کانپوءِ پاڪ فوج جو ريسڪيو آپريشن جاري آهي: آءِ ايس پي آر * نيلم ماٿري، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برفباري سبب متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي: آءِ ايس پي آر * متاثرن کي ٽينٽ، کاڌ خوراڪ ۽ دوائن سميت ٻيون شيون مهيا ڪيون پيون وڃن، ايف ڊبليو او برفباري سبب ڪيترن ئي بند پيل روڊن کي به کولي ڇڏيو آهي: آءِ ايس پي آر * ايف سي، ليويز، پوليس ۽ ٻين ادارن جون امدادي ڪارروائيون به جاري: آءِ ايس پي آر * ڪراچي: ملڪ ۾ برفباري جا نوان رڪارڊ قائم، گلگت بلتستان ۾ برفباري جو سئو سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو * بلوچستان ۾ به 30 سالن کانپوءِ شديد برفباري، ڪوئيٽا ۾ پارو ڪاٽو 11 تائين ڪري پيو: موسميات کاتو * قلات ۽ ڪالام ۾ گرمي پد ڪاٽو 13 سينٽي گريڊ رڪارڊ، موهن جو دڙو 2 سينٽي گريڊ سان سنڌ جو سرد ترين علائقو رهيو: موسميات کاتو * ڪراچي شهر ۾ گرمي پد 7 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، سنڌ ۾ 21 هين ۽ 22هين جنوري تي ٿڌ ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي: موسميات کاتو * ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس، آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏني وئي * سنڌ ڪابينا آءِ جي سنڌ ڪليم امام خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي غير قانوني قدم کڻڻ، سنڌ حڪومت جا حڪم نه مڃڻ جا الزام * آءِ جي سنڌ شڪارپور سميت مختلف علائقن ۾ بغير منصوبابندي جي ڏوهارين خلاف آپريشنز ڪرايا ۽ پوليس جو وڏو نقصان ٿيو: صوبائي وزير سعيد غني * آءِ جي سنڌ کي وقت کان اڳ تبديل ڪرڻ لاءِ وفاق کي خط لکي سببن بابت آگاهي ڏني وئي، آءِ جي غير ذميواراڻا بيان به ڏيندو رهيو آهي: سعيد غني * سنڌ ڪابينا ۾ نئين آءِ جي سنڌ لاءِ مشتاق مهر، ثناءُ الله عباسي، غلام قادر ٿيٻو ۽ ڪامران فضل جي نالن تي غور ٿيو: سعيد غني * جن چئن نالن تي غور ٿيو انهن مان 3 نالا آءِ جي سنڌ لاءِ تجويز ڪري وفاقي حڪومت کي اماڻينداسين: سعيد غني جي ڪابينا اجلاس بابت ميڊيا بريفنگ * ڪليم امام جي آءِ جي ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڏوهه وڌي ويا، پوليس هٿان بي گناهه شهرين جي مارجي وڃڻ جا واقعا پيش آيا: سعيد غني * ارشاد رانجهاڻي جي قتل تي سموري سنڌ مان ردعمل آيو، روپوش جوابدار پڪڙڻ جون غلط رپورٽس ٺاهيون ويون: سعيد غني جي پريس ڪانفرنس * پوليس آفيسرن پاران بنا ثبوتن جي سنڌ حڪومت مٿان بي بنياد الزام هنيا ويا: سعيد غني * اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان آءِ جِي سنڌ جِي تبديلي واري معاملي تي گورنر عمران اسماعيل کي سڀاڻي اسلام آباد طلب ڪري ورتو * وزيراعظم پاران گورنر عمران اسماعيل سان ٽيليفونڪ رابطو ، عمران اسماعيل آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت سان رابطن جي به هدايت * گورنر عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي قيادت سان ٿيل ملاقاتن بابت به وزيراعظم کي آگاهي ڏيندو: ذريعا * ڪراچي: تحريڪ انصاف سنڌ پاران آءِ جي سنڌ جي تبديلي خلاف ميدان ۾ اچي وئي * آءِ جي تبديل ڪرڻ سنڌ سرڪار نه پر وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي، نالا به وفاقي حڪومت تجويز ڪندي آهي: اپوزيشن ليڊر فردوس شميم * آءِ جي سنڌ جي بدلي روڪرائڻ لاءِ عدالت وڃڻو پيو ته عدالت به وينداسين: فردوس شميم جون ميڊيا سان ڳالهيون *آءِ جي مٿان لڳايل الزامن جي وضاحت ۽ پنهنجو دفاع ڪرڻ ڪليم امام جو حق آهي: فردوس شميم

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*