ايم ڪيو ايم وارا ڊرامي باز آهن: مصطفيٰ ڪمال

پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال، پنهنجي دور ۾ ترقياتي ڪمن جو ڪريڊٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ڏيندي چيو آهي ته عامر خان، امين الحق سميت ٻن ماڻهن کي وزارت ڏيڻ لاءِ خالد مقبول صديقي کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو، متحده هاڻي ايم ڪيو ايم حقيقي بڻجي وئي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به حڪومت کان ڌار نه ٿيندي، هي سڀ ڊراما پيا ڪن، جڏهن هي حڪومت کان ڌار ٿيا سڀئي گرفتار ٿي ويندا.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪڏهن حڪومت کان ڌار ٿيڻو آهي ته ٻئي وفاقي وزير استعيفيٰ ڏين ها ۽ ميئر ڪراچي کان به استعيفيٰ وٺن ها، خالد مقبول صديقي ايم ڪيو ايم ۾ اڪيلو شخص وڃي رهيو هو، جنهن کي به سائيڊ تي ڪيو ويو.

پي ايس پي سربراهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نالي تي سياست ڪئي پئي وڃي، حڪومت کي گذارش آهي ته هنن جي ڌمڪين ۾ نه اچي.

مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته متحده هاڻي ايم ڪيو ايم حقيقي بڻجي چڪي آهي، جلد خدمت خلق فائونڊيش جا راز پڌرا ڪندس.

پي ايس پي سربراهه وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جهڙو مڪاني نظام سنڌ  ۾به آندو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته سندس ناظمي وارو دور آصف زرداري جي حڪومتي دور ۾ گذريو، ان ڪري 70 سيڪڙو ڪم جو ڪريدٽ آصف زرداري کي وڃي ٿو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*