اثاثا ڪيس ۾ خورشيد شاهه کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ رمانڊ پورو ٿيڻ تي پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، خورشيد شاهه سميت 18ڄڻا هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ نامزد آهن، نيب راولپنڊي جي سوالنامي تي خورشيد شاهه جي وڪيلن جو پينل اڄ احتساب عدالت ۾ درخواست به جمع ڪرائيندو.

نيب راولپنڊي خورشيد شاهه جي وزارت واري دورن ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ 10سوالن تي مشتمل سوالنامو به احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي چڪي آهي.

خورشيد شاهه جي وڪيل مڪيش ڪارڙا جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه جي وڪيلن جو پينل اڄ نيب راولپنڊي جي سوالنامي جو جواب جمع ڪرائيندو.

نيب چيئرمين جاويد اقبال خورشيد شاهه خلاف جاچ لاءِ نيب ملتان جي ڊي جي عتيق الرحمان جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي چڪو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خورشيد شاهه جي ضمانت بابت ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*