عثمان بوزدار پاڻ کي بادشاهه سمجهي ٿو: فواد چوڌري

سائنس ۽ اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مسئلو پنجاب حڪومت جو ناهي،پر وسيلن جي ورڇ جو آهي،وڏو وزير عثمان بوزدار پاڻ کي بادشاهه سمجهي ٿو، جيڪو عوامي مفادن جي خلاف آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته وڏي وزير عثمان بوزدار  وٽ صوابديدي فنڊز جو هجڻ آرٽيڪل 140 اَي جي ڀڃڪڙي آهي.

وفاقي وزير چيو ته جنهن فارمولي تحت فنڊز وفاق صوبن ۾ ورهائيندو آهي،ان تحت ضلعن ۾ فنڊز جي ورڇ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته وڏو وزير پاڻ کي بادشاهه سمجهي ٿو، هي عوامي مفاد جي خلاف آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*