سڄي ملڪ ۾ اٽي جي قيمن ۾ اوچتو واڌ ڪئي وئي آهي

سڄي ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ سبب اٽي جي بحران جو به خدشو آهي

ريٽيلرز ايسوسيئيشن موجب ڪڻڪ جي سپلاءِ گهٽ ٿيڻ سبب گذريل هڪ هفتي اندر اٽي جي قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ٿي آهي

صدر ريٽيلرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته فائن اٽو في ڪلو 62 رپين ۾ وڪامجڻ لڳو آهي، جڏهن ته چڪي جي اَٽي جي قيمت ۾ به 5 کان 6 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 62 کان 70 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

ڊيلرز اوپن مارڪيٽ موجب اوپن مارڪيٽ ۾ في ڪلو ڪڻڪ جي قيمت 47 رپين مان وڌي 52 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي ٻوري 500 رپيا مهانگي ٿيڻ بعد 100 ڪلو ڪڻڪ جي في ٻوري 5 هزار 2 سئو رپين جي ٿي وئي.

ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ 10 ڪلو اٽو 6 سئو 60 کان 7 سئو رپين تائين وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بحران کان اڳ 10 ڪلو اٽو جي قيمت 4 سئو 50 رپيا هو، هاڻي 5 مهينن ۾ 10 ڪلو اٽو اڍائي سئو تائين مهانگو ٿي ويو آهي.

حيدرآباد ۾ به  اٽي جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر 10 ڪلو اٽي جي في ٻوري 6 سئو 40 رپين تائين پهچي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*